خان خانان

خان خانان: خان خانان لفظ جي لغوي معنيٰ آهي: ’سردارن جو سردار‘، ’رئيسن جو رئيس‘، ’وڏو سخي امير‘. هي لقب مغل بادشاهن طرفان پنهنجن خاص اميرن کي عطا ڪيو ويندو هو. سڀ کان اڳ اهو لقب همايون بادشاهه جي خاص مصاحب بيرام خان کي عطا ٿيو. اڪبر بادشاهه جي خاص صلاحڪار ۽ سپهه سالار ميرزا عبدالرحيم کي به ’خان خانان‘ جي لقب سان نوازيو ويو. بيرام خان ۽ عبدالرحيم خان خانان ٻئي پيءُ پُٽ هئا. انهن کان سواءِ مهابت خان ۽ منعم خان کي به ’خان خانان‘ جا لقب عطا ڪيا ويا.


لفظ خان خانانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو